بيوس جي ڪوتا

بيوس جي ڪوتا (ڪتاب ):ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي هي تجزياتي ڪتاب مشهور شاعر هري دلگير جو مرتب ڪيل آهي، جنهن ۾ بيوس جي گولڊن جبلي جشن ۾ پڙهيل مقالا شامل آهن، جيڪي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ ڀارت سرڪار پاران سڏايل سيمينار آديپور (ڪڇ) ۾ پڙهيا ويا هئا. هي ڪتاب انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور (ڪڇ) پاران 1992ع ۾ ڇپايو ويو آهي.


لفظ بيوس جي ڪوتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو